توخته بيگ

توخته بيگ: جهانگير بادشاهه پنهنجي عهد ۾ توخته بيگ جي ڪابل مان بدلي ڪري کيس سردار خان جو لقب ڏئي، بکر، سبي ۽ سيوهڻ جو جاگيردار مقرر ڪيو. جنهن کانپوءِ توخته بيگ صرف سردار خان
جي نالي سان مشهور ٿي ويو. ’تاريخ مظهر شاهجهاني‘ ۾ يوسف ميرڪ لکي ٿو ته سردار خان مرزا حڪيم جي ماڻهن مان هو ۽ پوءِ اڪبر جي خاص ماڻهن ۾ شامل ٿيو. اڪبر بادشاهه سندس بهادريءَ ۽ ايمانداريءَ تي کيس لاهور ۾ جاگير ڏني هئي. سندس بهادريءَ ۽ ايمانداريءَ کي ڏسي جهانگير بادشاهه کيس ’سردار خان‘ جو لقب ڏنو ۽ گڏوگڏ بکر، سبي ۽ سيوهڻ جو جاگيردار پڻ مقرر ڪيو. قنڌار جو صوبو پڻ شاهه بيگ جي بدران هن جي هٿ هيٺ رهيو. مير ابوالقاسم کي جلال الدين جي مهم تي رکيو ويو، سردار خان (توخته بيگ) اڃا ملتان مس پهتو ته شاهه بيگ کي شاهه عباس صفويءَ جي لشڪر قنڌار جي قلعي ۾ کڻي سوگھو ڪيو، جهانگير بادشاهه مرزا غازي بيگ ترخان ۽ قره بيگ کي ڌار ڌار لشڪر ڏئي قنڌار موڪليو. رستي تي قره بيگ فوت ٿي ويو. شاهه عباس صفويءَ جو لشڪر چغتائي فوج اڳيان ڪو چارو نه ڏسي واپس ايران موٽي ويو. قنڌار جي فتح تي کيس ٻه هزاري منصب جو خطاب مليو. هن قنڌار ۾ حڪمران هجڻ واري دور ۾ 1016هه/1607ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ توخته بيگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو